شهاب الدين جيلاني قادري

شهاب الدين جيلاني قادري: نامور بزرگ پير شهاب الدين احمد جيلاني، ارغون دور جي وڏن بزرگن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڻ ارغونن جي دور حڪومت ۾ بدين ۾ آيو ۽ قادري طريقي کي سنڌ ۽ ڪڇ وارن علائقن ۾ زور وٺائڻ لڳو. هن بدين واري خطي جي تڏهوڪي حاڪم ميرزا مظهر بيگ جي نياڻي سان شادي ڪئي ۽ هميشه لاءِ انهيءَ علائقي سان لاڳاپجي ويو. هن جي پرچار سبب ڪيترائي ماڻهو سندس طريقت ۾ شامل ٿيا. هن 19 رمضان 900هه/ 13 جون 1495ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو